ٻارهن ربيع الاول

ٻارهن ربيع الاول: ماهه ربيع الاول جا شروع وارا ڏينهن، جن جي لاءِ چيو ويندو آهي ته حضرت نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن انهن ڏينهن مان پهرئين ڏينهن تي يا ٻارهين تاريخ تي وفات ڪئي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته نبي سڳوري جن پهرين ربيع الاول تي وفات ڪئي، پر اڪثريت 12 ربيع الاول تي متفق آهي. انهيءَ نسبت سان سڄي مهيني کي پڻ ”ٻارهين وفات“ ڪري چوندا آهن. اهل تشيع وارا حضور صلي الله عليه وسلم جن جي رحلت واري تاريخ 28 صفر کي مڃيندا آهن، ۽ تمام وڏي پيماني تي مجلسون ڪندا آهن ۽ ولادت 17- ربيع الاول تي ميلاد ڪري ملهائيندا آهن ۽ امام بارگاهن ۾ ميلادون ملهائيندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو